الطاف حسين قريشي

الطاف حسين: الطاف حسين قريشي 26 جنوري 1900ع تي ڍاڪا ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم کان پوءِ 1918ع تائين سٽي ڪاليج ڪلڪتي ۾ ۽ 1923ع تائين ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ورتائين. 1926ع ۾ بنگال ايڊيوڪيشن سروس ۾، 38- 1937ع ۾ ڍاڪا ڪاليج جو پرنسپال ۽ 1938ع کان 1945ع تائين تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. پوءِ ملازمت تان استعيفيٰ ڏيئي ”ڊان“ (DAWN) اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، جيڪا جلد ئي ملڪ جي نامور اخبار بنجي ويئي. پاڪستان کان اڳ ڊان اخبار دهليءَ مان نڪرندي هئي ۽ پوءِ 1947ع ۾ ڪراچيءَ منقتل ٿي. ”ڊان“ کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ 1965ع کان 1968ع تائين پاڪستان جي مرڪزي ڪابينه ۾ وزير تجارت رهيو. 25 مئي 1968ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.


لفظ الطاف حسين قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.01.26  عيسوي

الطاف حسين قريشي 26 جنوري 1900ع تي ڍاڪا ۾ ڄائو


1968.05.25  عيسوي

الطاف حسين قريشي 25 مئي 1968ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارشاد مستوئي
عبدالرحمان قاضي1
رياض حسين ميمڻ
قاضي اسد عابد
عبدالله ميمڻ
آچر خاصخيلي
سنتداس ڀاٽيه ناز
اعجاز عليم عقيلي
اقبال حامد
صلاح الدين مولانا
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون